پلي وڏيرو عبدالحڪيم

پلي، وڏيرو عبدالحڪيم: وڏيرو عبدالحڪيم ولد دودو ولد عطائي پلي، ڏکڻ سنڌ جي اهم دولتمند ماڻهن مان هڪ ٿي گذريو آهي. کيس پنهنجي چوپائي مال جي گهڻائيءَ سبب ’ساري سنگهار‘ سان ڀيٽيو ويندو هو. انگريز سرڪار طرفان کيس ايم. بي. اي (M.B.E) ميمبر آف برٽس ايمپائر (MEMBER OF BRITISH EMPIRE) جو خطاب مليل هو. سندس ڏاڏو ’عطائي پلي‘، دٻي (ناريجاڻي) واري جنگ ۾ شيرِ سنڌ، مير شير محمد خان ٽالپر سان گڏ انگريزن سان هڪ هزار جوان وٺي وڙهيو هو. کيس ميرپورخاص جي ميرن طرفان ’هڪ هزاريءَ‘ جو لقب مليل هو. جڏهن جنرل جارج بُوٿ تروٽ، مقامي زميندارن جي مدد سان ننگرپارڪر جي راڻي تي ڪاهيو، تڏهن عطائي پليءَ اهو چئي انڪار ڪيو ته اسان جا ننگرپارڪر جي راڻن سان دوستاڻا تعلقات آهن ۽ دوستن تي ڪاهه ڪرڻ مَردن جو شان نه آهي.
وڏيرو عبدالحڪيم پلي، هر ٻارهين مهيني، پنهنجي چانديءَ جي پئسن تان ڪَٽ لاهڻ لاءِ ’ميڙ‘ ٺاهي گهيٽن جي هلر ٻڌندو هو. تمام گهڻي خير خيرات ڪندو هو. 11 رجب 1328هه/ 19 جولاءِ 1910ع تي وفات ڪيائين. سندس تربت عمرڪوٽ لڳ شهيد جي مقام ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو